تازه ترين

پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ارسا پاڻي جي دستيابي بابت غلط سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو

پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ارسا پاڻي جي دستيابي بابت غلط سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو،  نظام ۾ پاڻي ئي ناهي ته نئون پلان ڪيئن ٺهي سگهجي ٿو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بهترين نموني مسئلو حل ڪيو، واعدو پورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهن، سنڌ ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.

اسلام آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شازيه مري چيو ته وڏي عرصي کان سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪري رهيا هئا، بلاول ڀٽو زرداري ڪئنال واري مسئلي تي آواز اٿاريو.

سندس چوڻ هو ته هو حڪومت ۾ آهن پر ڪابينا جو حصو ناهن، هو سسٽم جو حصو نه هئا، کين هن مسئلي تي ڪيترائي اعتراض هئا.

هن چيو ته ارسا پاران غلط خط جاري ڪيو ويو ۽ جنهن کي چئلينج ڪندا رهيا، حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس به نه گهرايو.

شازيه مري جو چوڻ هو ته کين خبر هئي ته ڪاغذن ۾ ڇا ٿي رهيو هو، بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آهيون، جنهن هن مسئلي کي حل ڪيو.

سندس چوڻ هو ته وڏي وزير تمام سٺو ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان ڳالهايو، وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، جنهن پنهنجو واعدو پورو ڪيو.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته کين تمام گهڻي ڳڻتي هئي ته مسئلو جلدي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو گڏجي بهتر قدم کنيو، سڀني جا ٿورائتا آهيون، جن ڪالهه هن معاهدي تي سي سي آءِ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

شازيه مري جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن سي سي آءِ اجلاس ۾ تفصيلي بحث ٿي، سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪنهن صوبي وچ ۾ ڪا به جنگ ناهي، جيڪڏهن ڪئنالن وارو مسئلو جلدي حل ٿئي ها ته ايتريون ڳالهيون نه ٿين ها.

پ پ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، شهيد بينظير ڀٽو به هميشه عوامي مسئلن تي عوام سان گڏ احتجاج ڪيو.

شازيه مري جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري به پارليامينٽ ۾ پنهنجي تقرير ۾ هن مسئلي تي واضح طور تي ڳالهايو هو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن نظام ۾ پاڻي ئي نه هجي ته نئون منصوبو ڪيئن ٺاهي سگهجي ٿو؟

پ پ جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو ته تمام گهڻو افسوس آهي ته پاڪستان کي هن احتجاج ۾ تمام گهڻو نقصان پهتو، جڏهن احتجاجن ۾ انتشار ۽ نفرت هوندي ته گهڻو نقصان ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو هن احتجاج ۾ شامل ٿيا جيڪي ڪينالن جي خلاف نه هئا، پر انهن جو هڪ مختلف سياسي مقصد هو، جيڪي ماڻهو انتشار پکيڙيندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته گهڻي پروپيگنڊا ٿي ته ڪئنالن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت پنهنجا نمائندا موڪليا، اتي ڪنهن به ڪئنال تي ڪم نه ٿي رهيو هو.

شازيه مري چيو ته هنن سڀني پهلگام ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت ڪئي، پر ڀارت بغير تصديق جي پاڪستان تي الزام لڳايو.

سندس چوڻ هو ت ڀارت جو پنهنجو سيڪيورٽي ليپس هو، پاڪستان هميشه لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، بلاول ڀٽو به کين بار بار چوندو رهيو ته گڏجي ڪم ڪيون.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ پنهنجون توپن جو رخ پاڪستان ڏانهن ڪري ٿو، مودي پاڪستان جو پاڻي ڪيئن روڪيندو؟ اهو هڪ عالمي معاهدو آهي.

شازيه مري جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جڏهن به سيڪيورٽي ليپس هوندو آهي ته اهو پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائيندو آهي………..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون