تازه ترين

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير لعل بخش ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير لعل بخش ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو، صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ ٻين لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير لعل بخش ڀٽو مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز مغرب جي جنازي کان پوءِ جامع مسجد بنوريه ويجهو سائيٽ ايريا ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته لعل بخش جي جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻو پارٽي نه پر سڄي قوم جو نقصان آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ ريسرچ اينڊ ڪو آرڊينيشن جي انچارج لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته لعل بخش ڀٽو پ پ لاءِ هڪ اثاثو هو، جمهوريت جي بحالي لاءِ سندس خدمتن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سينيئر پ پ اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي کيس عوام ۽ جمهوريت لاءِ خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
63 %
8.3kmh
18 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون