تازه ترين

پ پ حڪومت طرفان نئون جديد شهر قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار

پ پ حڪومت ذوالفقار آباد ٺاهڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ وري ٻيو نئون جديد شهر قائم ڪرڻ جو منصوبو رٿي ورتو.

تجويز ڪيل نئون شهر ملير جي سامونڊي پٽي، گڏاپ، گهگهر کان موٽر وي، ڪاٺوڙ جا جبل ۽ ٺٽي جي ڌاٻيجي واري علائقي تي ٻڌل هوندو.

نئون تجويز ڪيل شهر سيٽلائيٽ ٽائون نالي سان قائم ڪيو ويندو.

مجوزہ نئين جديد شهر اڏڻ سان ڳوٺاڻي ضلعي ملير ۾ سوين ڳوٺن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو.

ڪراچي ۾ ڌارين آبادي جيان سيٽلائيٽ ٽائون قائم ٿيڻ سان ڌرتي ڌڻين لاءِ ٻيهر زمين تنگ ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن.

سياسي تڪرار کان بچڻ لاءِ سنڌ اسمبلي ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل جي نالي تي قانون سازي ڪئي ويندي.

شروعاتي طور 17 ديھون ڪنٽرولڊ ايريا ۾ شامل ڪري سيٽلائيٽ ٽائون قائم ڪيو ويندو.

تجويز ڪيل شهر ۾ ملير ضلعي جون الله ڦهائي، شاھه مريد، ماهيو، ناراٿر ۽ تَورِي ديھون شامل ڪيون وينديون.

ديھه شاهي چب، لوهار ڪو لَنگ، مِٺا گهر، ٻولهاري ۽ لنگيجي به شامل ڪئي ويندي.

ديھه ڪونڪار، کار کڙو، ڪاٺوڙ، اميلاڻو، ڌاٻيجي، گهگهر ۽ ڊانڊو به جديد شهر ۾ شامل ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون