سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ ايم پي اي آغا سراج دراني چيو آهي ته پ پ حڪومت ھاڻي ٺھي آھي اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي، سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، ڏوھارين خلاف وڏي پيماني تي آپريشن جي ضرورت آھي، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعن ۾ ڦرون، چوريون ۽ اغوا جا واقعا ٿين ٿا.
مديجي ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي آغا سراج دراني چيو ته ھاڻي گھرو وزير مقرر ٿيو آھي کيس گھرجي ته ضلعن ۾ سٺا آفيسر مقرر ڪري، ڏوھارين خلاف وڏي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن عوام سک جو ساھه کڻي سگھي.
سندس چوڻ هو ته سندس خيال آھي جن به ضلعن ۾ بدامني جو معاملو آھي ان ضلعي جي سموري پوليس کي تبديل ڪيو وڃي ۽ نئين ٽيم آندي وڃي جيـئن ڏوھارين خلاف آپريشن ڪامياب ٿي سگھي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پوليس آفيسرن سميت اهي اھڪار تبديل ٿين جيڪي سالن کان انھن ضلعن ۾ آھن، جيڪي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سالن کان ھڪ ضلعي ۾ نوڪري ڪن پيا سندن ڏوھارين سان رابطا ھجن ٿا.
هن چيو ته اھلڪارن کي ٻين ضلعن ۾ اماڻيو ويندو ته بھتري اچي سگھي ٿي، ناسور بڻيل ڏوھارين خلاف آپريشن لاءِ سڀ کان پھريان پوليس کي جديد ھٿيار فراھم ڪرڻ گھرجن.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ ايم پي اي آغا سراج دراني چيو ته سردارن کي به گھرجي ته امن امان جي صورتحال جي بحالي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.