پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ سدائين آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ لاءِ قيادت توڙي ڪارڪنن جانين جا نذرانا ڏنا.
ڪراچي جي علائقي اعظم بستي ۾ ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ سعيد غني، وقار مهدي، فرحان ۽ آصف خان سميت ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته بم ڌمڪان ۽ گولين کا هو ڪڏهن به ناهن گهٻرايا، هنن تعزيتي جلسي کي فلسطينين سان منصوبن ڪيو آهي.
هن چيو ته اسرائيلي فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، اسپتال تي به بم ڌماڪو ڪيو ويو، ان عمل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
سعيد غني چيو ته ڪارساز سانحي جو ڪيس سندن مرضي موجب داخل نه ڪري ڪيس خراب ڪيو ويو، سانحي ملوث ڪيترائي ماڻهو گرفتار ٿيا پر عدالتن ذاد ڪري ڇڏيا