پيپلز پارٽي پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪينالن واري منصوبي خلاف 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جلسي لاءِ آرگنائيزنگ، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي حيدرآباد جي جلسي لاءِ ٽنهي ڪميٽين جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڪينالن واري منصوبي خلاف 18 اپريل تي ٿيندڙ جلسي جي تنظيمي ۽ انتظامي ڪميٽي ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، نعمان شيخ، طارق شاهه ڄاموٽ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو، جڏهن ته سڪيورٽي مئنيجمينٽ ڪميٽي ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، سينيٽر دوست علي جيسر، اظهر سيال ۽ وسيم راجپوت شامل آهن.
جلسي جي ميڊيا ڪميٽي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، عاجز ڌامراهه، آفتاب خانزاده ۽ شڪيل ميمڻ، جڏهن ته ميڊيا ڪميٽي ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جا اطلاعات سيڪريٽري احسان ابڙو، محمود عالم شاهه، منظور پليجو، فدا حسين منڌرو، ڊاڪٽر مير حسن ملاح، جمن لغاري، ممتاز جوکيو ۽ سورج ڪمار شامل آهن.
ٻئي طرف پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي سنڌو درياهه تي 6 ڪينالن واري منصوبي خلاف عوام سان گڏ آهي، سنڌ ڪنهن به حالت ۾ سنڌو درياهه تي ڪينالن واري منصوبي کي قبول نه ڪندي.
پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته وزيراعظم کي سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌڻ گهرجي ۽ چولستان ڪينال سميت تڪراري ڪينالن وارو منصوبو فوري طور تي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري.
نثار کهڙي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز غير منظور ٿيل چولستان ڪينال ماڊل جو افتتاح ڪري غير آئيني ڪم ڪيو آهي،سسٽم ۾ پاڻي ناهي، انهن ڪينالن ۾ پاڻي ڪٿان ڀريو ويندو؟
هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزيرن ۽ پنجاب حڪومت پاران تڪراري ڪينالن واري منصوبي ۾ سنڌ جو پاڻي نه کڻڻ بابت بيان غير منطقي ۽ بي بنياد آهن.
نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ لکين ايڪڙ پوکيل زمين کي بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پوءِ ٻئي صوبي ۾ لکين ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ ڪٿان جي منطق آهي؟
سندس چوڻ هو ته هو نگراني جي عرصي دوران ارسا پاران جاري ڪيل اضافي پاڻي جي غير آئيني سرٽيفڪيٽ کي رد ڪن ٿا، ارسا 1991ع جي پاڻي معاهدي تي عمل ڪرڻ ۽ سنڌ کي ان جو حصو پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ ارسا سڀني صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ کي برابر ورهائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ارسا جو چيئرمين ۽ وفاقي ميمبر سنڌ مان ورتو وڃي.
پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته چولستان ڪئنال سميت تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو صوبن کي ورهائڻ ۽ ملڪ خلاف سازش آهي، جيئن پيپلزپارٽي ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي هئي، تيئن اهي تڪراري ڪئنالن واري منصوبي خلاف به جدوجهد جي ميدان ۾ آهن.
هن چيو ته جيئن ماضي ۾ نواز شريف کي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪرڻو پيو، هاڻي شهباز شريف کي تڪراري ڪينالن منصوبي تان هٿ کڻڻو پوندو.