پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي عرفان ظفر لغاري چيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، ھزارين بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون، صحت جون سھولتون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ آھن .
خيرپورناٿن شاهه ۾ لغاري ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي عرفان ظفر لغاري چيو ته 2022ع جي مھا ٻوڏ ۾ تباھه ٿيل بندن جي ٻيھر تعمير لاءِ آصف زرداري جي ھدايتن تي ڪم ھلندڙ آھي .
هن چيو ته سپريو بند کي گوزو کان يوسف نائچ تائين 15 فٽ ويڪرو ۽ 20 فٽ مٿي ڪرڻ جو پراجيڪٽ ھلندڙ آھي، ايم اين وي ڊرين تي پڻ جلد ڪم شروع ٿيندو.
پ پ اڳواڻ عرفان لغاري وڌيڪ چيو ته سندن مخالف جتوئي ڀائرن ھميشه اقتداري سياست ڪئي آھي، لياقت جتوئي کي 15سالن کان عوامي طاقت جي آڌار تي پ پ شڪست ڏيندي پئي اچي، ايندڙ چونڊن ۾ کيس شڪست نصيب ٿيندي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اسد لغاري، سليم پنھور، گلستان سيال، مختيار ٻگھيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.