پ پ طرفان 18 آڪٽوبر جي شهيدن جي ياد ۾ سڀاڻي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عام چونڊون نه ٿيون ته ملڪ وڌيڪ بحرانن جي ور چڙهي ويندو، عام چونڊن کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو سگهي، پ پ خلاف هر چونڊ ۾ اتحاد قائم ٿيندا رهيا آهن، عام چونڊون نه ڪرائڻ جو ڪو سبب نظر نه اچي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته عام چونڊن کانسواءِ ملڪ بحرانن مان نڪري ويندو ته ممڪن ناهي.
هن چيو ته عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن ها، اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته جنوري جي آخر ۾ اليڪشن ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته ڇا پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون چاهينديون ته عام چونڊن ۾ دير ڪئي وڃي، پئٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي سان عام چونڊن تي ڪو به فرق نه پوندو.
سعيد غني چيو ته پڪ آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سمورن بحرانن مان ڪرڻ جو واحد حل عام چونڊون آهن.
هن چيو ته ڊالر جي اگهه تي ڪنٽرول ۽ سمگلنگ روڪڻ ۾ ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي پر پهريون ڪوتاهيون ڇو ڪيون ويون؟
سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ ڌانڌلي ذريعي تحريڪ انصاف حڪومت قائم ڪئي وئي، سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد قائم ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.
سعيد غني چيو ته پ پ عام چونڊن ۾ ماضي کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي، پي ٽي آءِ مقابلي جي پوزيشن ۾ ناهي