پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت 9 ڄڻن جي المناڪ موت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سميت 9 ڄڻن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ايران جي عوام سان تعزيت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته هن افسوسناڪ واقعي تي هر پاڪستاني ڏک ۾ آهي ۽ پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ شهرين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.