پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي دٻاءَ تي اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرايون : آغا سراج دراني

- Advertisement -
سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي دٻاءَ تي اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرايون، هو ڪراچيءَ کي بهتر کان بهتر بڻائيندا، جنهن کي ٽڪيٽ ناهي ملندي اهي مخالفت ڪندا آهن. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه پهچي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته اليڪشن کٽڻ بعد هو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن، ڳڙهي خدا بخش جي ڌرتي تي پهچي پ پ ورڪرن کي طاقت ملندي آهي. سندس چوڻ هو ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن سڄي ملڪ ۾ عوام کي عام چونڊن جي اهميت بابت آگاهي ڏني. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پ پ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، سندن مٿان هميشه مخالف الزام لڳائيندا آهن، مخالفن کي هميشه شڪست ملندي آهي. هن چيو ته گذريل برساتن ۾ مخالف ظاهر ئي نه هئا برسات ۽ ٻوڏ دوران پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ڪئي، مخالفت ڪندڙ ظاهر ئي نه هئا. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو، ملڪ جا مسئلا حل ۽ معاشي بحران کي ختم ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون