توانائي واري صوبائي سيد ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب هو سستي بجلي فراهمي تي عمل ڪري رهيا آهن، 350 ميگا واٽ جهمپير ونڊ ۽ سولر هائبرڊ منصوبي سان سنڌ جي صنعتن کي سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي.
ناصر شاهه جي صدارت هيٺ توانائي کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طارق علي شاهه، امتياز علي شاهه، سليم احمد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ 350 ميگا واٽ جهمپير ونڊ ۽ سولر هائبرڊ منصوبي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته منصوبو پندرهن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان سان سنڌ جي صنعتن کي سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي.
هن چيو ته 36 ونڊ ٽربائن لڳايون ويندا، هر ٽربائن مان 7 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي، منصوبي جي لاڳت جو ڪاٿو 120 ڏهائي 865 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.
توانائي واري وزير چيو ته منصوبي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 18 ڏهائي 45 رپيا في يونٽ هوندي، منصوبي کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
ناصر شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب هو سستي بجلي فراهمي تي عمل ڪري رهيا آهن.