- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جي مبارڪ ڏني آهي، سندس چوڻ آهي ته ايسٽر جي اميد ۽ تجديد جو پيغام نه رڳو روحاني دنيا پر سياسي ميدان ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي مسيحي برادري جي حب الوطني تي فخر آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي مسيحي برادري جون تعليم ۽ صحت سميت زندگي جي هر شعبي ۾ خدمتون آهن، قوم جي ترقي ۾ مسيحي ڪميونٽي جو ڪردار به ڪليدي رهيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جو نظريو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو فلسفو ۽ 1973ع جي آئين جي اصولن جي رهنمائي ۾ هو هر شهري کي قوم جو قيمتي اثاثو سمجهن ٿا……….- Advertisement -
