- Advertisement -
ٿرڙي محبت ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان جوابدار هٿيارن جي زور تي چوڪيدار کي يرغمال بڻائي 35 سولر پليٽون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن ڪري شهرين کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي.
رائيس ڪينال جي ڪپر تي پنج ڪروڙ 60 لک رپين جي ماليت سان تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم جون سولر پليٽون اڻڄاتل هٿياربند چوڪيدار بخشل پنهور کي يرغمال بڻائي 35 سولر پليٽون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
سولر پليٽون چوري ٿيڻ سبب سموري شهر کي پاڻي جي سپلاءِ بند ٿي وئي.
چوڪيدار جو چوڻ آهي ته وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس اڃا تائين واقعي واري هنڌ ناهي پهتي.- Advertisement -
