تازه ترين

ٿرڙي محبت ۾ نينگري سان زيادتي جي ڪوشش

ٿرڙي محبت ويجهو ڳوٺ مٺو ماڇي سامهون رائيس ڪئنال تي ڪکاون گهرن ۾ ترسيل پورهيت جي معصوم نياڻي ڪلثوم سان زيادتي جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن موجب حد جي پوليس مامري کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.

هوڏانهن معصوم نياڻي جي امڙ بچل ۽ سندس والد سانوڻ جو چوڻ آهي ته سندن نياڻي زمين مان ڪک ميڙي رهي هئي ته کيس کنڀي هٿ پير ٻڌي اوطاق ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻائي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هنن چيو ته نياڻي جي دانهن تي کيس ڇڏايو ويو، ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي وئي پر پوليس ڳري رشوت وٺي مامري کي لئي مٽي ڪرڻ چاهي ٿي.

سندن چوڻ هو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
36.2 ° C
36.2 °
36.2 °
9 %
7.7kmh
20 %
اڱارو
36 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون