ٿرڪول جي 25 متاثر ڳوٺن جي سوين رهواسين طرفان حقن جي حاصلات لاءِ ملهو ڀيل موڙ کان اسلام ڪوٽ تائين پيادل لانگ مارچ ڪري ريلي ڪڍي وئي.
ٿرڪول متاثر نبي بخش درس، ڀيمراج ميگھواڙ، ايم بي سومرو، ھريش تيجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن بعد اسلام ڪوٽ ۾ احتجاج پڻ ڪيو ويندو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته ڳوٺ سينھري درس، جامن سمون، ٻٽڙا، ڪنڀاريو، جيئندو درس، ابن جو تڙ، سيگارو، ٿاھريو ھاليپوٽا، ولي جو تڙ، ڳوڙاڻو، تلوايو سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ٿرڪول جي ڪري متاثر ٿيا آھن.
مظاهرين جو چوڻ هو ته متاثر ڳوٺن جي ماڻھن کي نوڪرين سميت بنيادي حق ڏيڻ کان مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته سروي ۾ نئين منصوبا بندي ۾ کوٽ مثال گھرن جو زبون هئڻ ٻيهر بحالي واري منصوبابندي ۾ متاثرن جي موقف لي شامل ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن جي مرضي ۽ منشا موجب نئون ريسيٽلمينٽ پلان جوڙيو وڃي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته ساليانو معاوضو اينگرو ۽ وس وارن جي ڪيل واعدن موجب اڪانامي جي حساب سان لک مان وڌائي موجوده اگهن جي حساب سان 7 کان وڌائي 8 لک مقرر ڪيو وڃي.
ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون جيستائين مقامي ماڻھن جا مسئلا ٻڌي حل نه ڪنديون تيستائين احتجاجن ريلين جو سلسلو جاري رھندو.