- Advertisement -
ٿر ۾ ناياب نسل جي پکين توڙي چڻڪارا هرڻن جو شڪار بند نه ٿي سگهيو، پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ڏيپلو ڀرسان پوليس ڪارروائي ڪري ناياب نسل جي چڻڪارا هرڻن جا 2 ٻچا ۽ 16 طوطن جي ٻچا وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي ويندڙ پپو پٽ واليو ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس گرفتار ٿيل جوابدار کي جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو.
گرفتار ٿيل جوابدار خلاف گيم واچر محمد انور سومر جي فرياد تي وائيڊلائيف ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
