ايئر هوسٽس جي حيثيت سان اداڪاري جي دنيا ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي اداڪارا نور مالابيڪا داس خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب 32 ورهين جي اداڪاره نور مالابيڪا داس 6 جون تي ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي خودڪشي ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب اداڪارا جي پاڙيسرين پوليس کي فون ڪيو ته سندس اپارٽمينٽ مان بدبوءِ اچي رهي آهي، جڏهن پوليس اپارٽمينٽ اندر وئي ته کين نور مالابيڪا جو لاش پنکي ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو.
پوليس اداڪارا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جنهن بعد سندس آخري رسمون ادا ڪيون ويون، پر اداڪارا جا گهر ڀاتي سندس آخري رسمن ۾ شريڪ نه ٿيا.
اداڪارا جي پاڙيسرين پوليس کي ٻڌايو ته نور مالابيڪا داس جا گهرڀاتي گذريل مهيني مئي تائين ساڳئي اپارٽمينٽ ۾ رهندا هئا ۽ اداڪارا جي خودڪشي کان اڳ اهي واپس پنهنجي ڳوٺ هليا ويا هئا.
واضح رهي ته 32 ورهين جي اداڪارا جو تعلق آسام سان آهي، اداڪاره بڻجڻ کان اڳ هن قطر ايئر ويز ۾ ايئر هوسٽس طور ڪم ڪيو هو.
نور مالا بيڪا ڪجهه فلمن ۽ ويب سيريز ۾ به ڪم ڪيو ، جن ۾ ’دي ٽرائل‘، ’سسڪيان‘، ’واڪ مين‘، ’ٽڪي چٽني‘، ’جگھانيا اپايا‘، ’چرم سک‘، ’ديکي آنڌي‘ ۽ ’بيڪروڊ هسٽلي‘ شامل آهن