صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت رکڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.
ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ڀارتي ظلم باوجود ڪشميري عوام پنهنجي آزادي واري جدوجهد تي ثابت قدم رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي برادري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪي.
ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قابض ڀارتي فوج دهشتگردي ٽوڙ قانون جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي، ڀارت جا ظالماڻه قدم ڪشميرين کي حق خوداراديت جي تڙپ کي گهٽائي نٿا سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام 77 ورهين کان ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو