تازه ترين

ڀارتي فلم پروڊيوسر 2 هزار ڪروڙ رپين جي منشيات سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ڀارتي فلم پروڊيوسر 2 هزار ڪروڙ رپين جي منشيات سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار ٿي ويو.

ڀارتي نارڪو ٽڪس ڪنٽرول 2 هزار ڪروڙ رپين جي منشيات سمگلنگ جي الزام هيٺ فلم پروڊيوسر جعفر صادق کي گرفتار ڪيو.

ڀارتي اين سي بي جي اختيارين ٻڌايو ته جوابدار جعفر صادق سائوت انڊين فلم انڊسٽري جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ 4 فلمون ٺاهيون آهن،

اين سي بي  اختيارين موجب، جعفر صادق چئن مهينن کان گهربل هو، هو ڀارت کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ منشيات سمگلنگ جي ڪاررواين ۾ ملوث رهيو آهي ۽ هن وقت تائين 2 هزار ڪروڙ رپين جي منشيات سمگل ڪري چڪو آهي .

اين سي بي سي ٻڌايو ته جوابدار 45 ڀيرا 3500 ڪلو ايفي ڊرين پرڏيهه موڪلي، جوابدار جي گرفتاري چنائي ۾ ٽرين مان گرفتار ڪيل زال مڙس وٽان 180 ڪروڙ رپين جي منشيات هٿ اچڻ بعد عمل ۾ آئي، جوابدار منشيات سريلنڪا سمگل ڪري رهيا هئا …..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون