امريڪي صدر رمضان کان اڳ غزا ۾ سيز فائر کي مشڪل قرار

- Advertisement -
امريڪي صدر رمضان کان اڳ غزا ۾ سيز فائر کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو . غزا ۾ رمضان کان اڳ جنگ بندي معاهدو طئي ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن پر قاهره ۾ ان حوالي سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي آهي. امريڪي ڳجهي ايجنسي جي ڊائريڪٽر بل برنس جنگ بندي معاهدي تي ڳالهاين لاءِ مصر بعد قطر پهچي ويو. هڪ ڏينهن اڳ امريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ غزا جي پٽي تي امداد لاءِ عارضي بندرگاهه ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو. هاڻي امريڪي صدر رمضان کان اڳ سيز فائر کي مشڪل قرار ڏيندي والاريل بيت المقدس جي اوڀر حصي ۾ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون چيو آهي ته غزا ۾ سيز فائر جو جلد امڪان آهي، حماس اسرائيل جي تجويز قبول ڪري جنهن ۾ 45 ڏينهن جي جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي تجويز شامل آهي ….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
40%
2.7m/s
0%
اربع
19 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون