چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ ملڪ جي هٿياربند فوجن ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قدم علاقائي سلامي لاءِ مستقل خطرو بڻجي چڪا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، هٿياربند فوجون گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت جي منصفاڻي جدوجهد ۾ والاريل ڪشمير جي بهادر عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪن ٿيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ غيرانساني فوجي لاڪ ڊائون جو تسلسل والاريل وادي جي آبادي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي طريقو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مستقل طور تي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح جا قدم ۽ ڀارتي حڪومت جو جنگي جنون والاريل وادي ۾ انساني بحران کي هوا ڏئي رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي قدم علاقائي سلامتي لاءِ هڪ مستقل خطرو بڻجي چڪا آهن، خطي ۾ جٽادار امن لاءِ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ انٽر ٿي چڪو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملڪ جون هٿياربند فوجون شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪن ٿيون، پاڪ فوج ظلم ۽ غيرقانوني تسلط خلاف ڪشميرين جي بي مثال جدوجهد جي سياسي، اخلاقي ۽ انساني بنيادن تي مڪمل حمايت ڪري ٿي.