تازه ترين

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي امريڪا جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ڀارت واپس پهچي ويو

- Advertisement -
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي امريڪا جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ڀارت واپس پهچي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظم واپسي تي پاڪستان جي هوائي حدن مان گذريو. ڀارتي ميڊيا موجب، امريڪي دوري ۾ مودي امريڪي صدر بائيڊن جي سربراهي ۾ ڪواڊ ليڊر سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. 21 سيپٽمبر تي ٿيل ڪواڊ سمٽ ۾ وزيراعظم مودي کان علاوه آسٽريلوي ۽ جاپاني وزيراعظم به شرڪت ڪئي هئي. ٻئي پاسي ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته نريندي مودي امريڪا کان واپسي تي پاڪستاني هوائي حدن جو استعمال ڪيو. ذريعن موجب، نريندي مودي 46 منٽن تائين پاڪستان جي هوائي حدن ۾ رهيو، سندس جهاز شام جو پوڻين ڇهين وڳي افغانستان کان چترال مٿان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو. ذريعن موجب، نريندي مودي جو  جهاز شام جو ساڍي ڇهين وڳي لاهور ڀرسان ڀارت جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو. واضع رهي ته نريندي مودي امريڪا جي سفر تي ويندي به 45 منٽن تائين پاڪستان جي هوائي حد استعمال ڪئي هئي ……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون