تازه ترين

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب، لوڪ سڀا ۾ حڪومتي اتحاد جي 331 ۽ اپوزيشن جي 144 سيٽون آھن.

لوڪ سڀا ۾ حڪومت جي ڀڃڪڙي خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث جي موقعي تي وزيراعظم نريندر مودي خطاب شروع ڪيو تھ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو ۽ ايوان کان ٻاھر ھليا ويا.

اپوزيشن جي طرفان بي اعتمادي پيش ڪرڻ جي معاملي تي مودي لوڪ سڀا ۾ 2 ڪلاڪ 3 منٽ ڊگھي تقرير ڪئي.

اپوزيشن جي واڪ آئوٽ بعد اسپيڪر بي اعتمادي جي رٿ زباني ووٽنگ ڪئي جنھن بعد ان کي رد ڪيو ويو.

لوڪ سڀا ۾ ڀارتي وزيراعظم مڻي پور وڳوڙن تي بيان ڏنو ۽ چيو تھ رياستي ۽ مرڪزي حڪومتون جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن، ھو يقين ڏياري ٿو تھ ايندڙ وقت ۾ مڻي پور ۾ امن بحال ٿي ويندو . اپوزيشن اتحاد انڊيا مڻي پور واقعي کي بنياد بڻائي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ 26 جولاءِ تي پيش ڪئي ھئي، ان کان اڳ بھ مودي خلاف 2018 ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي ھئي جيڪا ناڪام ٿي وئي ھئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون