تازه ترين

ڀارتي وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گھرجي: ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گھرجي. وائيٽ هائوس ۾ ڏياري تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته نريندر مودي سان فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ واپار سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهايو. سندس چوڻ آهي ته هو واپاري ذريعي معاملا حل ڪري رهيو آهي، ڀارت روس کان وڌيڪ تيل خريد نه ڪندو. ان کان اڳ هڪ ٻي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ پاڪ ڀارت جنگ جو ذڪر ڪندي  چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هن جنگ روڪرائي. ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، پاڪ-ڀارت جنگ دوران 7 جهاز ڪيرايا ويا. امريڪي صدر چيو ته هو 8 جنگيون روڪرائي چڪو آهي، اڪثر جنگيون واپاري ذريعي روڪرايون، ملڪن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ به واپار ذريعي روڪرائي، ٻنهي ملڪن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان جنگ ڪندئو ته آمريڪا ساڻن واپار نه ڪندو. امريڪي صدر دعوى ڪندي چيو ته وچ اوڀر جي ملڪن حماس خلاف فوجي ڪارروائي جي آڇ ڪئي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻن هفتن ۾ چيني صدر سان ڪيترن ئي شين بابت ڳالهائيندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.3 ° C
33.3 °
33.3 °
9 %
7.3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون