ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا ۽ بالي ووڊ اداڪارا نتاشا ۾ طلاق جي تصديق ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا نتاشا ۽ ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا وچ ۾ طلاق ٿي چڪي آهي، جنهن بعد هاڻي پانڊيا جي 70 سيڪڙو ملڪيت جي وارث سندس اڳوڻي گهرواي نتاشا بڻجي ويندي.
رپورٽ موجب طلاق وٺڻ جو فيصلو هاردڪ پاڊيا جو هو، اڃا تائين ٻنهي وچ ۾ طلاق جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو.
هاردڪ پانڊيا ۽ اداڪارا نتاشا جي علحيدگيءَ جي خبرن ان وقت جنم ورتو جڏهن نتاشا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تان پانڊيا جو نالو ۽ تصويرون هٽائي ڇڏيون.
هاردڪ پانڊيا مئي 2020ع ۾ ممبئي جي هڪ عدالت ۾ اداڪارا نتاشا سان شادي ڪئي هئي ۽ گذريل سال فيبروري ۾ پانڊيا نتاشا سان ٻيهر شادي ڪئي، جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي