- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ آزاد ڪشمير ۾ پ پ جي مئنڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، ڪشمير ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٽن نسلن جو رشتو آهي.
مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ممتاز راٺوڙ جي قسم کڻڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني اڳيان آهي ۽ مودي دنيا اڳيان منهن لڪائي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آزاد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي نمائندگي ڪئي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير کي وفاقي حڪومت کان حق ڏياريا ويندا، ماضي جي فيصلن سبب آزاد ڪشمير ۾ خال پيدا ٿيو.
سندس چوڻ هو ته حق جي جنگ ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ملي آهي، پاڪ فوج ڀارت جا 7 جنگي جهاز تباهه ڪيا.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني جي اڳيان آهي ۽ مودي دنيا کان منهن لڪائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا هجي يا ٻيا ملڪ انهن کي ياد ڏياريندا ته 7 جهاز ڪريا هئا، دنيا جو ڪوبه فورم هجي ڀارت اتان ڀڄي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي ڀائيچاري کي نقصان پهچائيندو آهي، مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان جنگيون به هارايون ۽ هاڻي سازشون به هارائيندئو.- Advertisement -
