- Advertisement -
مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان 27هين آئيني ترميم خلاف پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ جي گيٽ تائين احتجاجي مارچ ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان محمود خان اچڪزئي، بئريسٽر گوهر، سيد زين شاهه، علامه ناصر عباس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ هو ته امن امان قائم ڪرڻ سڪيورٽي ادارن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي پر حڪومت سٺو ڏينهن مخالفن خلاف ڪيس ٺاهڻ ۽ ناجائز آئيني ترميمون ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
مجلس وحدت المسلمين جي علامه راجا ناصر عباس جو چوڻ هو ته هي وقت ملڪ ۾ ٻاهر نڪرڻ جو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي بچائي سگهجي.
ان موقعي تي سيد زين شاهه سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته 27هين آئيني ترميم کي اهي نٿا مڃن ڇو ته بنيادي طور آئيني مارشل لا لڳي وئي آهي.
زين شاهه جو چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم کانپوءِ عوامي حڪمراني ۽ سول سپريمينسي ختم ٿي چڪي آهي ۽ ڪمپني سرڪار جي پاڇي هيٺان وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ هلندا جنهن ۾ وسيلن جا فيصلا به اهي ڪندا، ماليات جا فيصلا به اهي ڪندا، ٻٽو مڪاني نظام جيڪو سنڌ ۾ رد ٿيو هو ان کي مرڪز مان لاڳو ڪندا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڳنڍڻ جو سبب آئين آهي، آئين ۾ اسان يونٽ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ٻيا صوبا رضاڪاراڻي طور شامل ٿيا آهيون.
زين شاهه جو چوڻ هو ته انهن يونٽن کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ، انهن جا وسيلا ڦٻائڻ، انهن جي ملڪيت ختم ڪرڻ، يا اڳ جيئن ون يونٽ اسٽيبلشمينٽ کي ذهن ۾ هو، 70 سال اڳ ون يونٽ هڻي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ان ون يونٽ ڇا ڪيو ملڪ کي ٽوڙيو، ان ڪري بنا دستور جي جنهن ۾ سول سپريمينسي نه هجي، ان کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ملڪ جي خلاف سازش سمجهي ٿي، ملڪ جي ٽوڙڻ جي برابر سمجهون پيا، جيڪڏهن ملڪ فيڊرل پارلياماني ناهي ته هي ملڪ نه هلندو.
سنڌ ٽي وي نيوز طرفان حيدرآباد ۾ احتجاج ڪرڻ دوران سنڌياڻي تحريڪ تي ڪيس داخل ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾ زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌي قوم ۽ سنڌ جي نوجوانن کي اهو ذهن ۾ رکڻو پوندو ته سنڌ کي بچائڻ لاءِ، سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام کان بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ 144 قلم کي ٽوڙي ڪري به لکين ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ سويلين، آئيني بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ اسان کي پرامن جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ قرباني ڏيڻي پوندي.
زين شاهه جو چوڻ هو ته ان جدوجهد جي اسلام آباد مان اڄ کان شروعات ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اها مهينن تائين نه کٽندي.
سندس چوڻ هو ته هنن ڏاڍ نه ڪيو ته هي جعلي حڪمران ۽ 26هين، 27هين ترميم يا اهي ايڪٽ جيڪي 2022ع تائين آيا آهن، انهن جو خاتمو ٿيندو ۽ انشاءِ الله هتي صاف شفاف اليڪشن ذريعي شفاف حڪمراني ايندي.
مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم ڇونه واپس ٿيندي، ڊڪٽيٽرن جيڪي هن آئين ۾ ترميمون ڪيون ڇا اهي اڄ هن آئين ۾ موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته هن کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته ڊڪٽيٽرن طرفان ڪيل ترميمون جيڪي 18هين ترميم ذريعي ختم ڪيون ويون هيون اهي ٻيهر هن آئين ۾ شامل ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته اهو آهي ته ڊڪٽيٽر جي ترميمن کي ٻيهر آئين ۾ آڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڪيئن حمايت ڪري رهي آهي.- Advertisement -
