- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت جي خوشفهمي آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جو خوداراديت وارو حق ختم ڪري ڇڏيندو، ڀارت جو والاريل ڪشمير بابت فيصلو دنيا کي قبول ناهي.
اسلام آباد ۾ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ريلي کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جو 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ آهي، والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ڀارت جي خوشفهمي آهي، ڇو ته ڪشميرين سان پاڪستان جو جاگرافيائي ۽ ڀائيچاري جو تعلق آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت جيڪڏهن ايترو ئي جمهوري آهي ته فوري طور ڪشمير ۾ راءِ شماري جو اعلان ڪري، ڀارت ڪشمير جو نقشو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، هو ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.- Advertisement -
