- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن ٻيهر ايڊوينچر ڪندو ته ان ۾ به شڪست کائيندو، ڪنهن کي به سندن فورسز جي تيارين بابت ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي، غزا سان لاڳاپيل معاملن کي قطعي شڪل هڪ ٻن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي، غزا جي مسلمانن جون قربانيون رنگ لائينديون، جڏهن فلسطين جي رياست قائم ٿيندي ته شيون درست ٿينديون.
ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته غزا جي مسلمانن جون قربانيون رنگ لائينديون، جڏهن فلسطين جي رياست قائم ٿيندي ته شيون درست ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته غزا بابت اميد نظر آئي آهي، غزا سان لاڳاپيل معاملن کي قطعي شڪل هڪ ٻن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي ۽ امڪان آهي ته حالتون بهتر ٿي وينديون.
هڪ سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته ڀارت جيڪڏهن ٻيهر ايڊوينچر ڪندو ته ان ۾ به شڪست کائيندو، ڪنهن کي به سندن فورسز جي تيارين بابت ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي.- Advertisement -
