ڀارت ۽ فرانس پاران موڊيولر نيوڪليئر ري ايڪٽرز بڻائڻ جو اعلان
ڀارت ۽ فرانس گڏيل طور تي موڊيولر نيو ڪليئر ري ايڪٽرز ٺاهڻ واري منصوبي جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان وزيراعظم نريندر مودي جي فرانس دوري بعد سامهون آيو آهي.
نريندر مودي ۽ فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪخوان چيو آهي ته توانائي جي سيڪيورٽي ۽ ڪاربن گهٽ خارج ڪرڻ واري معيشت جي قيام لاءِ جوهري توانائي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان اعلان کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارت چيو هو ته هو سخت جوهري قانون ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي.
موجوده قانون تحت ڪنهن به حادثي جي ذميواري آپريٽرز تي لاڳو ٿئي ٿي، چيو پيو وڃي ته ان ئي قانون جي ڪري ماضي ۾ جوهري منصوبن ۾ دير ٿي هئي.
اها اميد ڪئي پئي وڃي ته نريندر مودي آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي ڪمپنين سان جوهري منصوبن ۾ سيڙپڪار جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو.