تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

ڀارت ۽ ڪينڊين حڪومت جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ

ڪينڊا سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾  ڀارت جي ملوث هئڻ جي تصديق ڪندي را جي سربراهه ۽  ڀارتي سفيرن کي سفارتخانو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 ڪينڊين وزير اعظم جسٽن ٽروڊو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ڪينڊين انٽيليجنس هرديپ جي موت ۾ ڀارتي حڪومت جي ملوث هئڻ جي نشاندهي ڪئي آهي.

هن چيو ته  اهو معاملو جَي 20 اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي آڏو اٿاريو هو.

سندس چوڻ هو ته  ڪينڊين ڌرتي تي شهري جي قتل ۾پرڏيهي حڪومت جو ملوث هئڻ سندن خودمختياري جي خلاف آهي.

ٻئي پاسي ڀارت ۽ ڪينڊين حڪومت جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ڪينڊا ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي سربراهه ۽ ڀارتي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

ڪئنيڊين حڪومت ڀاتي هاءِ ڪمشنر کي به ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

خالصتان جي حامي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر کي ڪينڊا ۾ 18 جون تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، هرديپ سنگهه جي قتل خلاف سکن لنڊن سميت سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا هئا.

سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون جو چوڻ آهي ته هر ديپ سنگهه جي قتل بابت ڀارت جي ملوث هئڻ بابت سندن دعويٰ سچي ثابت ٿي آهي.

هن چيو ته ڀارت جي انٽيليجنس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئڻ جي سازش دنيا ۾ وائکي ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته جسٽن ٽروڊو سچ سامهون اچڻ کانپوءِ ڪئنيڊا ۾ ڀارت جي هاءِ ڪمشنر سنجي ورما کي به فوري طور نيڪالي ڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون