ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب

- Advertisement -
ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهبازشريف طرفان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل هاءِ پروفائل ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت وڃڻ يا نه وڃڻ بابت فيصلو ڪندي. ڪميٽيءَ ۾وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، احسان مزاري، مريم اورنگزيب، اسعد محمود، امين الحق، قمر زمان ڪائرا، طارق فاطمي ۽  قومي سلامتي جي ادارن جي سربراهن سميت پرڏيهي سيڪريٽري به شامل آهن. ڪميٽي ۾ ڀارت ۾ ورلڊڪو بابت سمورن معاملن تي سفارشون تيار ڪندي، جن جي روشنيءَ ۾ قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو ڪيو ويندو. قطعي سفارشون منظوريءَ لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪليون وينديون، پي سي بي قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
30%
1.8m/s
34%
سُومر
18 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون