ڀارت ۾ قائم هاءِ ڪميشن ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو.
نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ملڪ جي 76هين آزاديءَ واري ڏهاڙي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هاءِ ڪميشن جي آفيسرن ۽ عملي گهرڀاتين سيمت شرڪت ڪئي.
جشن آزادي جي موقعي تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو.
تقريب ۾ صدر ۽ وزيراعظم جا خاص پيغام پڙهي ٻڌايا ويا.
پاڪستاني سفارتڪار ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ آزاديءَ واري جدوجهد ۾ حصو وٺندڙ اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
قومي جهنڊي جي رنگن وارا لباس پهريل ٻارن قومي گيتن تي بهترين پرفارمنس پيش ڪئي ۽ تقريرن ذريعي پاڪستان حاصل ڪرڻ جي جدوجهد تي روشني وئي.
تقريب جي پڄاڻي تي ٻارن ۾ انعام ورهايا ويا، جڏهن ته جشن آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو