تازه ترين

ڀرياسٽي ويجھو سولر پليٽ جي تار مان اوچتو باھھ لڳڻ سبب چار پورھيتن جا گھر سڙي رک

- Advertisement -
ڀرياسٽي ويجھو سولر پليٽ جي تار مان اوچتو باھھ لڳڻ سبب چار پورھيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺ محمد بخش بروھي ۾ پورھيت نور احمد بروھي، علي نواز بروھي، علي اڪبر بروھي ۽ امير بخش بروھي جي گھرن کي باھھ لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سڄو سامان سڙي رک ٿي ويو. باھھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل ھڪ لک 85 ھزار رپيا رقم، 3 تولا سون، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيون قيمتي سامان سڙي ويو. اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پھچي ڳوٺاڻن جي مدد سان باھھ تي ضابطو آڻي، وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سولر پليٽ جي تار مان اوچتو باھھ لڳڻ سبب گهر سڙي ويا، ڪو جاني نقصان ناھي ٿيو. متاثر پورھيتن جو چوڻ ھو ته گھرن کي باھھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته سندن واهر ڪئي وڃي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
25 %
5kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
35 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون