ڀلي سڀ پارٽيون اتحاد ڪن پر پ پ جو مقابلو نٿيون ڪري سگھن : سردارعلي شاھه

- Advertisement -
پي ايس 49 تي نامزد پ پ  اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھه چيو آهي ته  ڀلي سڀ پارٽيون اتحاد ڪن پر پ پ جو مقابلو نٿيون ڪري سگھن، پ پ ۾ غريب توڙي امير کي ھڪ جيتري اھميت ۽ عزت ملي ٿي. پ پ  اڳواڻ سردار علي شاهه پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پٿور شهر ۽ مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيٺ وڪر جسواني طرفان پ پ اميداور سردار علي شاهه کي سونو تاج پارايو ويو، جيڪو پ پ اڳواڻ پارٽي ورڪر کي پارائي ڇڏيو. چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سردارعلي شاهه چيو ته سندس تڪ ۾ غلام نبي شاھه،  ڍورونارو، پٿورو سميت ٻين علائقن ۾ غريب  ھندو  برادري جي  ماڻھن کي جي ڊي اي  وارا لڏائي رھيا آهن، کين ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هو  مسڪين ماڻهن سان ھٿ چراند نه ڪن،  هنن کي به جواب ڏيڻ اچي ٿو. هن چيو ته جي ڊي اي وارا وڻ-وڻ جي ڪاٺي آهن، جيڪي الائي ڪيتريون پارٽيون گڏ ڪري به  پ پ جو مقابلو نٿا ڪري سگھن. پ پ اميدوار چيو ته سندن ھڪ مور ٽلي پيو، ڪڏھن ڪاڪن جي ڪلھي تي آھي ته ڪڏھن مامن جي ڪلھي تي آهي. ھن چيو ته پي ايس 49 سميت عمرڪوٽ ضلعي جو عوام اڳ جيان   ھن ڀيري به  پ پ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. سيد سردار علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپورخاص ڊويزن جي دوري تي اچي رھيو آهي،   شھيد راڻي جي شھزادي جي اچڻ بعد عوام ڪنهن به  پ پ مخالف اميدوار  کي  پنهنجي در تي به  اچڻ نه  ڏيندو. ھن چيو ته عوام 8 فيبروري تي  پي ايس 49 تي کيس   ۽ اين اي 213 تي نواب يوسف ٽالپر کي   تير تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪري، پ پ جي  ڪاميابي ثابت ڪندي  ته عوام پ پ سان گڏ آهي  ۽ چير مين بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم ڏسڻ ٿو چاھي. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته  انشا الله 8  فيبروري تي  سڄي ملڪ مان پ پ ڪاميابي ماڻيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو. ان موقعي تي پ پ جو وقتي ضلعي صدر صوفي نواز سومرو، اڳوڻو ايم پي اي پونجو مل ڀيل،  وڪرم جيسواڻي، حاجي احمد علي آريسر،  شيراز حمزه مري، حاجي رشيد شر، پير حماد جان سرھندي، پير امجد جان سرھندي، دولت مالھي  ۽ ٻيا پڻ  موجود ھئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون