تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڀٽو خاندان ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڀٽو خاندان ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جو تحفو پ پ جو آهي،  ڪشميرين جو مسئلو بلاول ڀٽو زرداري اٿاريو جنهن جو مثال نه ٿو ملي. ميرپورخاص ۾ پ پ جي 57هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄوڪي ڏينھن تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکيو تھ جيئن پاڪستان جي ھارين، مزدورن، عورتن، ھارين، نوجوانن کي سندن جائز حق ڏنا وڃن. هن چيو ته شھيد راڻي بينظير ڀٽو ميزائل جي ٽيڪنالاجي ڏني، وومين پوليس اسٽيشن ٺاھيون، ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو شعبو جوڙيو، عورتن لاءِ بينڪون جوڙيون، اڄ عورتون مردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملھائي جاکوڙي رھيون آھن. شرجيل ميمڻ چيو تھ آصف علي زرداريءَ جمھوريت خاطر بنا ڪنھن ڏوھ جي 12 سال جيل برداشت ڪئي، پر ھن ڪڏھن بھ ائين نھ چيو تھ روڊ بند ڪري ڇڏيو شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي مختصر پرڏيھي وزارت دوران گجرات ۽ ڪشمير جي ڪاسائي مودي کي للڪاريو، جنھن سندس سر جي قيمت رکي، پر چيئرمين بلاول ڀٽو ڪشمير جو آواز بُلند رکيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي ايم اين اي پير آفتاب شاھ جيلاني چيو تھ اڳي ماڻھو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي سڌو نھ چونڊيندا ھئا، انھن کي بي ڊي جا ميمبر چونڊيندا ھئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي ماڻھن کي سڌو اسيمبلين جا ميمبر چونڊن جو حق ڏنو. جلسي کي خطاب ڪندي ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو ته شھيد ذولفقار علي ڀٽي ملڪ کي ترقي ڏياري، پر آمرن ان کي تباھ ڪري ڇڏيو، پ پ واحد جماعت آھي جيڪا غريب عوام جو سوچي ٿو. صوبائي وزير مير طارق ٽالپر خطاب ڪندي چيو تھ جيستائين پ پ جي حڪومت آھي، ان وقت تائين سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال نھ نڪرندا. جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو تھ پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا ماڻھن جي حقن لاءِ ويڙھاند ڪندي رھي آھي ۽ هو ڪڏھن بھ عوامي حقن تي سوديبازي ناھي ڪئي جلسي ۾ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي، وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي خير النساءَ مغل، ميئر عبدالرئوف غوري، اڳوڻي ايم اين اي شميم آرا پنھور سميت پارٽي جي عھديدارن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون