- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڀٽو خاندان ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جو تحفو پ پ جو آهي، ڪشميرين جو مسئلو بلاول ڀٽو زرداري اٿاريو جنهن جو مثال نه ٿو ملي.
ميرپورخاص ۾ پ پ جي 57هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄوڪي ڏينھن تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکيو تھ جيئن پاڪستان جي ھارين، مزدورن، عورتن، ھارين، نوجوانن کي سندن جائز حق ڏنا وڃن.
هن چيو ته شھيد راڻي بينظير ڀٽو ميزائل جي ٽيڪنالاجي ڏني، وومين پوليس اسٽيشن ٺاھيون، ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو شعبو جوڙيو، عورتن لاءِ بينڪون جوڙيون، اڄ عورتون مردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملھائي جاکوڙي رھيون آھن.
شرجيل ميمڻ چيو تھ آصف علي زرداريءَ جمھوريت خاطر بنا ڪنھن ڏوھ جي 12 سال جيل برداشت ڪئي، پر ھن ڪڏھن بھ ائين نھ چيو تھ روڊ بند ڪري ڇڏيو
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي مختصر پرڏيھي وزارت دوران گجرات ۽ ڪشمير جي ڪاسائي مودي کي للڪاريو، جنھن سندس سر جي قيمت رکي، پر چيئرمين بلاول ڀٽو ڪشمير جو آواز بُلند رکيو.
ان موقعي تي ڳالھائيندي ايم اين اي پير آفتاب شاھ جيلاني چيو تھ اڳي ماڻھو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي سڌو نھ چونڊيندا ھئا، انھن کي بي ڊي جا ميمبر چونڊيندا ھئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي ماڻھن کي سڌو اسيمبلين جا ميمبر چونڊن جو حق ڏنو.
جلسي کي خطاب ڪندي ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو ته شھيد ذولفقار علي ڀٽي ملڪ کي ترقي ڏياري، پر آمرن ان کي تباھ ڪري ڇڏيو، پ پ واحد جماعت آھي جيڪا غريب عوام جو سوچي ٿو.
صوبائي وزير مير طارق ٽالپر خطاب ڪندي چيو تھ جيستائين پ پ جي حڪومت آھي، ان وقت تائين سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال نھ نڪرندا.
جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو تھ پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا ماڻھن جي حقن لاءِ ويڙھاند ڪندي رھي آھي ۽ هو ڪڏھن بھ عوامي حقن تي سوديبازي ناھي ڪئي
جلسي ۾ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي، وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي خير النساءَ مغل، ميئر عبدالرئوف غوري، اڳوڻي ايم اين اي شميم آرا پنھور سميت پارٽي جي عھديدارن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي….- Advertisement -
