ڀٽ شاهه ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جو هڪ زخمي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڇهن زخمين جو علاج هلندڙ آهي

- Advertisement -
ڀٽ شاهه ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جو هڪ زخمي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڇهن زخمين جو علاج هلندڙ آهي. خميس ڏينهن ايل پي جي گيس اسٽيشن ۾ ڌماڪي سبب ست ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. زخمين مان ڀٽ شاھه واسي دلبر لاکو زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. دلبر لاکو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. ڌماڪي جي ڇهن زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زخمين ۾ 65 ورهين جو الله بخش، 45 ورهين جو محمد صالح، 26 ورهين جو عابد، 50 ورهين جو وحيد شاهه، نادر ۽ 40 ورهين جي برميلا شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
23%
3.6m/s
6%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون