ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ پوليس سردار ممتاز وليج حب ريور روڊ تي ڪارروائي دوران ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن جوابدارن فهيم ۽ ڪامران عرف مامو کي گرفتار ڪيو.
رينجرز ترجمان موجب، جوابدارن جو 15 ميمبرن تي ٻڌل ٽولو آهي جيڪي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موبائل تي فائرنگ ۾ ملوث آهن، جوابدارن جو ساٿي محمد نعيم غيرقانوني هٿيارن ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل سميت پهريان ئي گرفتار ٿي چڪو آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن حب ريور روڊ، اتحاد ٽائون، نادرن باءِ پاس، فقير ڪالوني، بلديا ٽائون ۽ آفريدي ڪالوني ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار عادي ڏوهاري آهن، جن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن جن ۾ روپوش هئا ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪا آهن.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي………