تازه ترين

ڄامشورو: ڪوٽڙي بئراج ۾ ٻڏي ويل ٻن سڳن ڀائرن جا لاش هٿ

ڄامشوري ۾ ڪوٽڙي بئراج ۾ ٻڏي ويل ٻن سڳن ڀائرن جا لاش 10 ڪلاڪن بعد هٿ ڪيا ويا.

مقامي ٽوٻن جي مدد سان سنڌ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگرد راهول ۽ سندس ڀاءُ هريش جا لاش سنڌو درياءَ مان هٿ ڪيا ويا.

پوليس ٻنهي ڀائرن جا لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات دير سان 6 دوست المنظر گهمڻ آيا هئا.

پوليس موجب هڪ نوجوان ضد ڪري وهنجڻ لاءِ لٿو ته ٻڏي ويو، ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ لٿل ٻيو نوجوان به ٻڏي ويو.

پوليس موجب  مقامي ٽوٻن جي مدد سان 10 ڪلاڪن جي ڳولا بعد ٻنهي ڀائرن جا لاش هٿ ڪري ورتا.

ٻنهي ڀائرن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33.8 ° C
33.8 °
33.8 °
26 %
3.6kmh
30 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
35 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون