ڄامشوري ۾ پيپلزپارٽي جي عھديدارن ۾ نوڪريون نه ملڻ تان اختلاف سامھون اچي ويا آهن.
ضلعي جي ٽن تعلقن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف ڪوٽڙي، مانجھند ۽ ٿاڻي بولاخان تعلقن جي صدر ۽ ٻين عھديدارن پاران اڄ ڄامشورو ڦاٽڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻن الزام ھڻندي چيو ته سيد مراد علي شاھه 15 سو نوڪريون رڳو سيوھڻ ۾ پنھنجي تڪ ۾ ڏنيون آھن، ٽن تعلقن ڪوٽڙي، مانجھند ۽ ٿاڻو بولاخان جي ڪارڪنن ۽ عھديدارن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاھه ۽ ملڪ اسد سڪندر ۾ نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ تان اختلاف سامھون آيا آھن.