تازه ترين

ڄامشوري ضلعي اندر بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، لوڻي ڪوٽ ڀرسان ڦر مزاحمت تي هٿياربندن مزدا ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڄامشوري ضلعي اندر بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، لوڻي ڪوٽ ڀرسان ڦر مزاحمت تي هٿياربندن مزدا ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس طرفان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي. ايم نائين موٽروي تي 35 ميل پالاري ٽاور وٽ خراب بيٺل مزدا ڊرائيور کان هٿياربندن 80 هزار روپيا روڪ ڦر ڪيا، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ پني عاقل جي ڳوٺ ڏنو واسي واحد بخش جتوئي پٽ ميهار خان جتوئي طور ٿي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، ڪراچي کان حيدرآباد طرف ايندڙ ڪٻاڙ سان ڀريل مزدا ڊائيور کان هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي کيس قتل ڪيو. ايس ايڇ او لوڻي ڪوٽ علي نواز سانگي ٻڌايو ته پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي هڪ ڦورو کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون