چئن ٻارڙن سان گڏ ڀارت ويندڙ سيما جي فلم دنيا ۾ انٽري لاءِ آڊيشن واري وڊيو وائرل ٿي وئي آھي.
ڀارتي ميڊيا موجب، سيما کي فلم ”ڪراچي ٽونوائيڊا“ جي آڊيشن ڏئي ڇڏيو آھي، فلم جي ڪھاڻي سچن ۽ سيما جي لوَ اسٽوري تي آھي.
ڀارتي ميڊيا تي سيما جي آڊيشن جي وڊيو شيئر ڪئي وئي، وڊيو ۾ سيما کي اداڪاري ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
سيما جاني فائر فوڪس پروڊڪشن ھائوس کي فلم جي لاءِ آڊيشن ڏنو.
واضح رھي تھ ان کان اڳ ٻڌايو ويو ھو تھ فلم سچن ۽ سيما جي لوَ اسسٽوري جي ڪھاڻي بدران راجسٿان ۾ قتل ٿيل ٽيلر ڪنھيا تي آھي پر ھاڻي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي تھ اھا فلم سچن ۽ سيما جي لوَ اسٽوري تي آھي.
ڀارتي نوجوان سچن جي محبت ۾ گرفتار ٿي ڀارت ويندڙ پاڪستاني ناري ۽ 4 ٻارڙن جي ماءُ سيما حيدر ھاڻي سيما سچن بڻجي وئي آھي.
سيما جو موبائل گيم پب جي کيڏندي ڀارتي نوجوان سچن سنگھھ سان پيار ٿي ويو ھو ۽ ھو سچن سان ملڻ لاءِ چئن ٻارڙن سان گڏ ڀارت پھچي وئي ھئي.
سيما پنھنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو تھ ھو ڪراچي ۾ 8 سالن کان رھندي ھئي، موبائل گيم پب جي کيڏندي ھئي جنھن ذريعي سندس سچن سان دوستي ٿي ۽ پوءِ ھو آڊيو ڪالز تي ڳالھائيندا ھئا.
سيما ٻھ ڀيرا ڪراچي کان دبئي جي رستي نيپال پھتي، پھريون ڀيرو ڪراچي کان دبئي ۽ پوءِ 13 مارچ تي نيپال پھتي.
17 مارچ تي سيما واپس پاڪستان پھتي ۽ پنھنجي ٽن ڌيئرن ۽ ھڪ پٽ جو پاسپورٽ ٺھرايو.
سيما ھڪ ٽريول ايجنٽ جي ذريعي 10مئي تي ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نيپال جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، نيپال کان بس ذريعي ھو دھلي پھتي ۽ ٻي بس ذريعي 13 مئي تي ٽونوائيڊا سچن سنگھھ وٽ پھتي.
سيما ٻڌايو تھ سچن کي چئني ٻارڙن سان گڏ پنھنجو ڪيو آھي.
سيما جي ٻارڙن ۾ 5ورھين جو فرحان، 4ورھين جي فريحھ، ٻن ورھين جي فرح ۽ سالن جي فروا شامل آھن. سيما جو اڳوڻو مڙس غلام حيدر روزگار لاءِ سعودي عرب ويل آھي.