تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

چئن ٻارڙن سان گڏ ڀارت ويندڙ سيما کي بالي ووڊ فلم ۾ آفر

چئن ٻارڙن سان گڏ ڀارت ويندڙ سيما کي بالي ووڊ پروڊيوسر اميت جاني فلم ۾ ھيروئن جي ڪردار جي آڇ ڪري ڇڏي آھي.

ڀارتي ميڊيا جي موجب سيما کي يوپي جي پروڊڪشن ھائوس جاني فائر فوڪس جي طرفان فلم جي آفر ڪئي وئي، فلم سچن ۽ سيما جي لوَ اسٽوري جي ڪھاڻي بدران راجسٿان جي قتل ڪيل ٽيلر ڪنھيا تي ٺاھي ويندي.

ان کان اڳ سيما ۽ سچن دعويٰ ڪئي وئي ھئي زندگي گھارڻ لاءِ کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي جنھن ڪري ھو جدوجھد ڪري رھيا آھن.

ڀارتي ميڊيا جي موجب پروڊيوسر اميت جاني سيما سچن جي لوَ اسٽوري سان متاثر آھي جنھن بعد سندن مالي مشڪلاتن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ کين سيما سچن جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

سچن ۽ سيما في الحال فلم ۾ ڪم ڪرڻ يا نھ ڪرڻ جو فيصلو اڃا تائين نھ ڪيو ويو آھي.

ڀارتي ميڊيا موجب سيما فلم ۾ ڀارت جي انٽيلي جنس ايجنسي را جي آفيسر جو ڪردار ادا ڪندي.

ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي آفرز ملڻ بعد سيچا سچن فلم ڊائريڪٽرز جيانت سنھا ۽ ڀرت سنگھھ بھ ملاقات ڪئي آھي.

واضح رھي تھ ڀارتي نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي ڪري ڀارت ويندڙ پاڪستاني ناري چئن ٻارڙن جي ماءُ سيما حيدر ھاڻي سيما سچن بڻجي وئي آھي.

سيما پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ويو تھ ھو ڪراچي ۾ 8سال اڳ رھندي ھئي، موبائل گيم پب جي کيڏندي ڀارتي رياست اتر پرديش جي شھر نووائيڊھ جي سچن سنگھھ سان دوستي ٿي ھئي ۽ پوءِ آڊيو وڊيو ڪالز جو سلسلو بھ شروع ٿي ويو آھي.

سيما ٻھ ڀيرا ڪراچي کان دبئي جي رستي نيپال پھتي، پھريون ڀيرو اڪيلي ڪراچي کان دبئي پھتي ۽ پوءِ 13 مارچ تي نيپال پھتي جتي سندس سچن سان ملاقات ٿي، ٻنھي شادي جو بھ فيصلو ڪيو، سيما پنھنجي ٻارڙن سان گڏ ڀارت منتقل ٿي وئي، 17 مارچ تي سيما واپس پاڪستان پھتي ۽ پنھنجي ٽن ڌئيرين ۽ ھڪ پٽ جو پاسپورٽ ٺھرايو.

سيما ھڪ ٽريول ايجنٽ جي ذريعي 10 مئي تي ڪراچي کان دبئي ۽ اتان کان نيپال جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ۽ پوءِ نيپال کان بس جي ذريعي نئين دھلي ۽ اتان ٻي بس ذريعي 13 مئي تي نووائيڊھ سچن سنگھھ وٽ پھتي، سيما جو چوڻ ھو تھ سچن چئني ٻارڙن سان گڏ پنھنجو ڪيو آھي. سيما پنھنجي چئني ٻارن 5 ورھين جي فرحان، چئن ورھين جي فريحھ، ٻن سالن جي فرح، 8سالن جي فروا سان گڏ ڪراچي جي علائقي گلستان جوھي ۾ رھندي ھئي، سندس مڙس غلام حيدر روزگار جي لاءِ سعودي عرب ۾ رھندو آھي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
52 %
1kmh
3 %
ڇنڇر
10 °
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °

تازه ترين خبرون