- Advertisement -
چمبڙ ۾ سنجر چانگ ٽائون جي ملازمن پاران ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سنجرچانگ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن محمد خان رند، زمان جلباڻي، مير مرتضيٰ پنھور، بابو گجراتي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ٽائون ڪميٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙ ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي ۾ ٽائون آفيسر نه ھئڻ ڪري ٽن مهينن کان پگهارون ناھن ملي سگھيون.
هنن چيو ته ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ سبب گھرن اندر فاقاڪشي واري صورتحال آهي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون آفيسر مقرر ڪري رھيل پگھارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
