چمبڙ ۾ مختلف شاخن جي آبادگارن طرفان زرعي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.
آبادگارن مولا بخش لغاري، مقبول، امير بخش، ارشاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبپاشي کاتي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هوته 6 مهينن کان پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.