تازه ترين

چمندا واس بابراعظم کي دنيا جو نمبر ون بيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

سريلنڪن ٽيم جي اڳواڻي اسٽار بالر چمندا واس بابراعظم کي دنيا جو نمبر ون بيٽر قرار ڏيندي چيو آھي تھ بابر اعظم کي لنڪا پريميئر ليگ ۾ شرڪت سان نوجوان رانديگر کي گھڻو ڪجھھ سکڻ جو موقعو ملندو.

اڳوڻي سريلنڪن فاسٽ بالر ۽ بالنگ ڪوچ ڪولمبو اسٽرائيڪرز چمندا واس ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو تھ بابر اعظم ڪولمبو اسٽرائيڪرز جي ڪپتاني کان معذرت ڪئي ۽ ڪپتاني بدران بيٽر طور کيڏڻ کي ترجيح ڏني.

چمندا واس جو چوڻ ھو تھ ھو سڀ ڄاڻين ٿا تھ بابر اعظم ھن وقت دنيا جو نمبر ون بيٽر آھي، جھڙي طرح بابر اعظم ميچز کٽرايون آھن اھي تعريف جوڳيون آھن.

بالنگ ڪوچ ڪولمبو اسٽرائيڪرز جو چوڻ ھو تھ بابر اعظم جي ٽيم ۾ ھجڻ سان نوجوان رانديگرن کي سکڻ جو موقعو ملندو.

واضح رھي تھ بابر اعظم گذريل ڏينھن 59  رنسن جي اننگز کيڏي ڪولمبو اسٽرائيڪرز کي ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ ڪولمبو اسٽرائيڪر جي ڪپتان نروشان ڊڪويلا بھ ڊريسنگ روم۾ بابر اعظم جي تعريف ڪندي چيو تھ وڪيٽ بيٽنگ جي لاءِ آسان نھ ھئي پر بابر اعظم ھمٿ نھ ھاري ۽ آخر تائين کيڏندو رھيو ۽ ٽيم کي ھڪ سٺو ٽوٽل فراھم ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون