- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائن جو سلسلو اڄ سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، 19 آگسٽ تائين ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، گهوٽڪي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.
راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي.
آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، اولڊ سٽي ايريا، ملير، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائن جو سلسلو اڄ سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، 19 آگسٽ تائين ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، گهوٽڪي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي………..- Advertisement -
