تازه ترين

9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٽولو آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيو آهي : عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته 9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٽولو آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيو آهي، فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ هڪ ئي ٽولي جا پارٽنر آهن، هاڻي ڪابه شيءِ لڪل ناهي رهي، 9 مئي جو ماسٽر مائنڊ ڪير آهي ۽ سندس مددگار ڪير هئا، تحريڪ انصاف باني جو نقاب هاڻي لهڻ شروع ٿي ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته هن چيو ته پي ٽي آءِ باني محسن کي دوکو ڏيڻ ۽ احسان وسارڻ جي هر ريس ۾ پهرين نمبر تي آيو آهي، پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو عمل سٺو سنوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عوام پاڪ فوج جي سربراهه جي سندس هن قدم کي ساراهي ٿو، باقي به جن هنڌن تي 9 مئي جا ماسٽر مائنڊ ۽ مددگار آهن، انهن ادارن کي خود احتسابي جو عمل شروع ڪرڻو پوندو. پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته جيستائين 9 مئي جي هڪ هڪ ڪردار ۽ مددگار کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي هن ڳالهه جو بي صبري سان انتظار آهي ته شهيدن تي ٺٺول ڪندڙن کي ڪڏهن ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته شهيدن جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون سوا سال کانپوءِ به سندن انصاف واري نظام ڏانهن نهاري رهيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون