چوٽياريون واقعي واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو، ايس ايس پي سانگهڙ ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي شهدادپور حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته فريادي ڌر جوابدار ڌر کين ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
چوٽياريون واقعي جي جاچ انسپيڪٽر ولي محمد ڀنڀري کان کسي ڊي ايس پي تنوير شاهه حوالي ڪئي وئي آهي.
نئين جاچ آفيسر کي جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف متاثر ڌر طرفان جوابدار ڌر تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي.
فريادي ڌر جي فدا جوڻيجي ۽ عرفان جوڻيجي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر ڪيس تان هٿ کڻائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
هنن چيو ته سروري جماعت جي سربراهه مخدوم جميل الزمان تي سندن مڪمل اعتماد آهي.
سندن چوڻ هو ته جميل الزمان ساڻن گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو.
فدا جوڻيجي ۽ عرفان جوڻيجي چيو ته عدالت ۾ 164 جي بيان دوران علاو الدين جوڻيجي کي ئي جوابدار قرار ڏنو ويندو.
هن چيو ته سندن ڳوٺ جاني جوڻيجو تمام گهڻو پراڻو آهي، ڳوٺ کي ڪنهن جي نه سڃاڻپ واري ڳالهه درست ناهي.
فريادي ڌر چيو ته پوليس جوابدار ڌر جو ساٿ ڏئي رهي آهي، اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ڳوٺ تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو.