پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهيءَ کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن عملدارن حوالي ڪيو ويو آهي.
دهشتگردي ٽور عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن عملدارن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پرويزالاهيءَ کي پيش ڪيو ويو.
پرويز الاهيءَ جي وڪيل چيو ته پرويز الاهيءَ تي الزام آهي ته هن پنهنجي اسٽاف کي ڀرتي ڪيو، ڇا وڏو وزير اسٽاف مقرر نه ٿو ڪري سگهي؟
جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته انڪوائري ڪڏهن شروع ٿي آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته رات ڊي جي اينٽي ڪرپشن ويهي ڪيس ٺاهيندو رهيو. عدالت اينٽي ڪرپشن پنجاب جي درخواست منظور ڪندي پرويز الاهيءَ کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي سندن حوالي ڪيو.